بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پرڏيهي وزير جون ذميداريون سنڀالي ورتيون

اسلام آباد – 27 - اپريل (اي پي پي) بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پرڏيهي وزير جون ذميداريون سنڀالي ورتيون آهن. پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پرڏيهي وزارت آمد تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ ٻين آفيسرن بلاول ڀٽو زرداري جو استقبال ڪيو، ان کانپوءِ هن پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پرڏيهي وزير جون ذميداريون سنڀالي ورتيون آهن. پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پرڏيهي وزارت آمد تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ ٻين آفيسرن بلاول ڀٽو زرداري جو استقبال ڪيو، ان کانپوءِ هن پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.