اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته (ن) ليگ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان جي ٻن ماڻهن دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري کي بدزباني تي نااهل ڪيو ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خواجه آصف، روحيل اصغر، مريم بي بي، جاويد عباسي وغيره جي ڳالهه ٻولهه علي امين جي ويجهو به نه آهي. هن چيو ته تاڙي هڪ هٿ سان نه ٿي وڄي سگهي.