راولپندي - 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي، ته آزاد ڪشمير قانونسازي اسيمبلي جي ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) راولپندي مان پناهگيرن جي ٽنهي سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري اها ڪاميابي قائد محمد نواز شريف جي نالي ڪندي. اهڙو اظهار هن هن راولپنڊي ۾ ازاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ پناهگيرن جي سيٽ جي اميدوار احمد رضا قادري …
مسلم ليگ (ن) راولپنڊي مان پناهگيرن جي ٽنهي سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪندي: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
راولپندي – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي، ته آزاد ڪشمير قانونسازي اسيمبلي جي ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) راولپندي مان پناهگيرن جي ٽنهي سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري اها ڪاميابي قائد محمد نواز شريف جي نالي ڪندي. اهڙو اظهار هن هن راولپنڊي ۾ ازاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ پناهگيرن جي سيٽ جي اميدوار احمد رضا قادري جي چونڊ آفيس جي افتتاح جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ڪشميري عوام محب وطن، باوقار ۽ پاڪستان سان گهري وابستگي رکندڙ ماڻهو آهن جن هر مشڪل وقت ۾ وطن عزيز سان پنهنجي لازوال محبت، يڪجهتي ۽ قرباني جي جذبي جو مظاهرو ڪيو. اهو ئي جذبو پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي مضبوط رشتي جو بنياد آهي، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور ۾ آزاد ڪشمير ۾ روڊن، بنيادي ڍانچي، تعليم، صحت، عوامي ڀلائي جي شعبن م نمايان ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا جن جا ثمر اڄ به عوام تائين پهچي رهيا آهن. هن چيو ته مسلم ليگ(ن) هميشه عملي ڪارڪردگي، عوامي خدمت ۽ ترقي جي سياست تي يقين رکي ٿي ۽ آئينده به آزاد ڪشمير جي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي.










