نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ايندڙ اجلاس آگسٽ ۾ گهرائڻ جي سفارش  

اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن هتي پري ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي چيئرمين پاران جوڙيل ڪميٽي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ)  جي 53هين اجلاس کان اڳ اسلام آباد ۾ نائب وزيراعظم جي آفيس ۾ هڪ …

اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن هتي پري ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي چيئرمين پاران جوڙيل ڪميٽي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ)  جي 53هين اجلاس کان اڳ اسلام آباد ۾ نائب وزيراعظم جي آفيس ۾ هڪ تياري بابت اجلاس منعقد ٿيو. تفصيلي غور ويچار کانپوءِ، ڪميٽي وزيراعظم ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي چيئرمين کي سفارش ڪئي ته ڪائونسل جو ايندڙ اجلاس آگسٽ 2026ع ۾ منعقد ڪيو وڃي. نائب وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته حڪومت جي گڏيل ترجيح تعاون تي ٻڌل وفاقي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۽ اهڙن فيصلن کي اڳتي وڌائڻ آهي جيڪي قومي مفاد جي تحفظ ۽ فروغ جو سبب هُجن. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، ڪابينا ڊويزن، گڏيل مفادن واري ڪائونسل، منصوبابندي، پيٽروليم، پاڻي وسيلن، توانائي، صحت، پرڏيهي پاڪستاني ۽ انساني وسيلن جي ترقي وارين سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌُرين شرڪت ڪئي.