اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڇنڇر ڏينهن ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح پنهنجي ملڪ جي سرزمين تي جاري حملن تي سخت ڳڻتي جو اظهار …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح جو ٽيليفون تي رابطو

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڇنڇر ڏينهن ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح پنهنجي ملڪ جي سرزمين تي جاري حملن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته سڀئي ڌريون صبر جو مظاهرو ڪنديون ۽ اسلام آباد مفاهمتي ياداشت تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. شيخ جراح خطي ۾ ڳالهين جي فروغ ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ۽ ثالثي تي ٻڌل ڪردار جي به ساراهه ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار فوري طور تي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ضرورت تي زور ڏيندي سڀني ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام جي اهميت اجاگر ڪئي. هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ اولين ترجيح هجڻ گهرجي. انهن اسلام آباد مفاهمتي ياداشت تحت جنگ بندي بابت واعدن جي پاسداري ۽ اهڙي ڪنهن به ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو جيڪو ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائڻ جو سبب بڻجي. ڳالهه ٻولهه جي آخر ۾، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.










