بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف هڪ ڪلوميٽر ڊگهي فيض احمد فيض فلاءِ اوور جو افتتاح ڪري ڇڏيو

سيالڪوٽ - 18 جولاءِ (اي پي پي)  بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف عدالت ڳڙها، سيالڪوٽ ۾1984 ملين روپين جي لاڳت سان تيار ڪيل هڪ ڪلو ميٽر ڊگهي فيض احمد فيض فلاءِ اوور جو افتتاح ڪيو. افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو ته هي فلاءِ اوور شهر ۽ ان جي آبادي لاءِ هڪ اهم عوامي سهولت ثابت ٿيندو جنهن سان ٽريفڪ جي پراڻن …

سيالڪوٽ – 18 جولاءِ (اي پي پي)  بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف عدالت ڳڙها، سيالڪوٽ ۾1984 ملين روپين جي لاڳت سان تيار ڪيل هڪ ڪلو ميٽر ڊگهي فيض احمد فيض فلاءِ اوور جو افتتاح ڪيو. افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو ته هي فلاءِ اوور شهر ۽ ان جي آبادي لاءِ هڪ اهم عوامي سهولت ثابت ٿيندو جنهن سان ٽريفڪ جي پراڻن مسئلن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن چيو ته هي منصوبو علائقي واسين پراڻو مطالبو هو جنهن جي پڄاڻي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو ٿورائتو آهيان. خواجه محمد آصف چيو ته سيالڪوٽ رنگ روڊ جي پهرين مرحلي تي جلد ڪم شروع ٿيندو جنهن تحت وزير آباد روڊ، ڊسڪا روڊ، ايمن آباد روڊ ۽ پسرور روڊن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته ان منصوبي سان شهر ۾ انقلابي تبديليون اينديون، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف معاشي مشڪلاتن باوجود ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي رهي آهي جنهن تي هو سندس شڪر گذار آهي.