گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران فرضي فائر ايمرجنسي مشق جو جائزو

اسلام آباد - 18 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير ڇنڇر رات اسلام آباد ۾ ڪيپيٽل ايمرجنسي سروس طرفان منعقد ڪيل فرضي فائر ايمرجنسي مشق جو جائزو ورتو، جنهن دوران فائر برگيڊ ۽ ايمبولينس ٽيمون اطلاع ملڻ جي صرف 8 منٽن اندر واقعي واري هنڌ پهچي ويون. گهرو وزير مقرر وقت اندر ريسپانس کي ساراهيندي ان کي ڪيپيٽل ايمرجنسي سروس جي پيشيواراڻي صلاحيت ۽ آپريشنل تياري جو مثبت …

اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير ڇنڇر رات اسلام آباد ۾ ڪيپيٽل ايمرجنسي سروس طرفان منعقد ڪيل فرضي فائر ايمرجنسي مشق جو جائزو ورتو، جنهن دوران فائر برگيڊ ۽ ايمبولينس ٽيمون اطلاع ملڻ جي صرف 8 منٽن اندر واقعي واري هنڌ پهچي ويون. گهرو وزير مقرر وقت اندر ريسپانس کي ساراهيندي ان کي ڪيپيٽل ايمرجنسي سروس جي پيشيواراڻي صلاحيت ۽ آپريشنل تياري جو مثبت ثبوت قرار ڏنو. مشق کان پوءِ محسن نقوي فائر فائيٽرز ۽ ايمرجنسي اهلڪارن سان ملاقات ڪئي، انهن جي خدمتن ۽ پيشيواراڻي عظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ڊيوٽي دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن کان به آگاهي حاصل ڪئي.