اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گيلپ سروي موجب ڪشمير ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ واضح اڪثريت سان حڪومت ٺاهيندي، ابو بچائو مهم واري مريم صفدر جي نفرت انگيز بيانيي کي بدترين شڪست ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مودي جي ڪشميرين تي ظالماڻن قدمن جي خلاف ڪجهه نه ڳالهائيندڙ ٻهروپين کي ڪشميري سڃاڻي ويا آهن.