اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد ۾ پاڪستان بيت المال جي انتظام هيٺ پناهگاهه جو دورو ڪيو ۽ اتي رهندڙن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد ۾ پناهگاهه جو دورو ڪيو ۽ اتي رهندڙن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. صدر کي پناهگاهه ۾ رهندڙن جي لاءِ انتظامن تي بريفنگ ڏني وئي. صدر ماڻهن کان ڪورونا وائرس دوران بيروزگاري بابت پڇاڻو ڪيو. هن پناهگاهه جي رهواسين سان گڏجي ماني کاڌي ۽ اتي رهندڙن صدر سان ملاقات ڪئي. خوشي جو اظهار ڪيو. صدر جو پهريون ڏينهن عوام جي وچ ۾ گذاريو. صدر يتيم خاني پمز اسپتال ايوان صدر ڪالوني ۾ به ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون.