اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو قومي سطح تي اي اسپورٽس منعقد ڪرڻ خوش آئنده آهي، پاڪستاني ٻار به اي اسپورٽس ۾ حصو وٺي ڪروڙپتي بڻجي سگهن ٿا، فري فائر اي اسپورٽس ٽورنامينٽ ۾ 567 ٽيمون حصو وٺنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اي اسپورٽس جو ايونٽ منعقد ڪرڻ جي لاءِ ”گيرينا“ سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ پاڪسدتان پهريون ڀيرو اي اسپورٽس ۾ داخل ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو قومي سطح تي اي اسپورٽس جو ايونٽ منعقد ٿيڻ تي خوشي آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت گيرينا سان ان ڏس ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. گيرنيا دنيا جي مشهور ڪمپني آهي جيڪا بيگو جي تعاون سان پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو فري فائر قومي ٽورنامينٽ منعقد ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن گيم ۾ هڪ ڪروڙ رپين جا انعام آهن، کٽيندر ٽيم عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلي ۾ حصو وٺي سگهندي جنهن ۾ 2 ملين ڊالر جا انعام آهن. هن چيو ته راندين ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ٻارن وٽ موقعو آهي ته اهي 12 سالن جي عمر ۾ ڪروڙپتي بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته وڊيو گيمز جي مجموعي مارڪيٽ 200 بلين ڊالر عبور ڪري چڪي آهي، اي اسپورٽس طرف اسان وڏو قدم کنيو آهي ۽ اسان جا ٻار به اي اسپورٽس ۾ حصو وٺي سگهندا. هن چيو ته فري فائر پاڪستان م ٿيندر پهريون اي اسپورٽس ٽورنامينٽ آهي، جيئن جيئن اسان اڳتي وينداسين ان جا ثمر نظر اچڻ شروع ٿي ويندا. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 567 ٽيمون ان ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺنديون جنهن ۾ هڪ ڪروڙ رپين جا انعام آهن، ان ٽورنامينٽ سان اي اسپورٽس کي فروغ ملندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دنيا جون وڏيون ڪمپنيون به ان پول م اينديون، پاڪستاني نوجوانن کي اي اسپورٽس جي صورت ۾ هڪ وڏو موقعو ملي رهيو آهي.