اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر سياستدان ممتاز ڀٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سندس گهرڀاتين جي لاءِ دعاڳو آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت ۾ جڳهه ڏي.