ملڪ جو مستقبل تعليم جي فروغ سان واڳيل آهي: وزيراعظم

اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل تعليم جي فروغ سان واڳيل آهي، وڏين ڪلاسن جي نصاب ۾ سيرت النبي صه جي مضمون کي شامل ڪرڻ جو مقصد شاگردن کي اسلامي تعليم کان روشناس ڪرائڻ آهي، فني تعليم جي ادارن ۾ فراهم ڪيل تربيت کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب يقيني بڻايو وڃي ۽ تعليمي ادارن ۽ مارڪيٽ جي وچ ۾ …

اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل تعليم جي فروغ سان واڳيل آهي، وڏين ڪلاسن جي نصاب ۾ سيرت النبي صه جي مضمون کي شامل ڪرڻ جو مقصد شاگردن کي اسلامي تعليم کان روشناس ڪرائڻ آهي، فني تعليم جي ادارن ۾ فراهم ڪيل تربيت کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب يقيني بڻايو وڃي ۽ تعليمي ادارن ۽ مارڪيٽ جي وچ ۾ تعلق کي مضبوط ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي واري سيڪريٽري، تعليم واري سيڪريٽري، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پروفيسر شعيب خان، پروفيسر ناصر خان ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ملڪ ۾ ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي سان مخلف منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. تعليم واري وزير شفقت محمود وزيراعظم کي تعليم جي فروغ جي حوالي سان مختلف منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمن پاران ملڪ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ ٻين جديد علم جي فروغ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو مستقبل تعليم جي فروغ سان واڳيل آهي.

مزید خبریں