حڪومت آزاد، ذميوار ۽ مضبوط پرنٽ ميڊيا تي يقين رکي ٿي: اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي سي پي اين اي جي وفد سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت آزاد، ذميوار ۽ مضبوط پرنٽ ميڊيا تي يقين رکي ٿي، اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري رکيو ويندو. اها ڳالهه هن اڱاري ڏينهن ملاقات جي لاءِ آيل ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي صدر …

اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت آزاد، ذميوار ۽ مضبوط پرنٽ ميڊيا تي يقين رکي ٿي، اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري رکيو ويندو. اها ڳالهه هن اڱاري ڏينهن ملاقات جي لاءِ آيل ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي صدر ڪاظم خان جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اخباري صنعت کي درپيش مسئلن، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشنز (اي بي سي) ۾ سڌارن، نيوز ايجنسين جي بجيٽ، ميڊيا هائوسز جي رهتن ۽ ڊمي اخبارن سميت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ سي پي اين اي جي عهديدارن آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشنز (اي بي سي) جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري رکيو ويندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اي بي سي جي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ، موثر ۽ شفاف بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشنز ۾ ضروري سڌارن، ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائيگي ۽ نيوز ايجنسين سان لاڳاپيل معاملن کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته صحافتي ادارن کي درپيش جائز مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي سي پي اين اي جي وفد نئين پرنسپل انفارميشن آفيسر رئيسه عادل کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس قيادت ۾ اطلاعات واري وزارت ۽ اخباري صنعت جي وچ ۾ گڏيل تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. وفد عهدو ڇڏيندڙ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن جي خدمتن کي پڻ ساراهيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل پڻ موجود هو.

مزید خبریں