وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن بابت اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪومت ڪو قدم ناهي کنيو، آڪٽوبر 2025ع ۾ پهريون ڪيس سامهون اچڻ شرط حڪومت فوري طور اسڪريننگ، جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو عمل شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي: سعيد غني

ڪراچي- 14 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي سگهه ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن بابت اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪومت ڪو قدم ناهي کنيو. هن چيو ته آڪٽوبر 2025ع ۾ پهريون ڪيس سامهون اچڻ شرط حڪومت فوري طور اسڪريننگ، جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو عمل شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي.سنڌ اسيمبلي …

ڪراچي- 14 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي سگهه ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن بابت اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪومت ڪو قدم ناهي کنيو. هن چيو ته آڪٽوبر 2025ع ۾ پهريون ڪيس سامهون اچڻ شرط حڪومت فوري طور اسڪريننگ، جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو عمل شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي.سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني ٻڌايو ته 22 آڪٽوبر 2025ع تي وليڪا اسپتال انتظاميا صحت کاتي کي ان بابت آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ 23 آڪٽوبر تي اسڪريننگ ۽ 27 آڪٽوبر تي جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. 6 نومبر 2025ع تي پيش ڪيل پهرين رپورٽ ۾ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ۽ ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ کانپوءِ ٻي رپورٽ 19 جون 2026ع تي مڪمل ٿي، جنهن ۾ 78 متاثر ٻارن ۽ 6 فوتگين جي نشاندهي ڪئي وئي.هن چيو ته ٻي جاچ رپورٽ جي بنياد تي اسپتال جي 37 ڊاڪٽرن ۽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻن ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽن کي هٽايو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ذميوارن خلاف نه رڳو انتظامي پر فوجداري ڪارروائي به ڪئي ويندي ۽ ضرورت پوڻ تي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي ويندي.سعيد غني ٻڌايو ته هيستائين وليڪا اسپتال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 10 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جنهن دوران 120 ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي. انهن مان 81 سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ هولڊر آهن، جڏهن ته باقي 39 غير رجسٽرڊ متاثرن جو علاج به سنڌ حڪومت ڪرائي رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته لانڍي سوشل سيڪيورٽي اسپتال ۾ لڳ ڀڳ 2 هزار ماڻهن جي اسڪريننگ دوران 10 نوان ايڇ آءِ وي ڪيس پڻ سامهون آيا آهن.هن چيو ته متاثر ٻارن جو علاج انڊس اسپتال، آغا خان اسپتال، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۽ ٻين طبي مرڪزن ۾ جاري آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت انهن جي ڊگهي مدي واري علاج، دوائن ۽ ٻين سهولتن جي مڪمل ذميواري کڻي رهي آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ايڇ آءِ وي ڪنٽرول ايڪٽ تحت متاثر ٻارن ۽ سندن خاندانن جي سڃاڻپ کي راز ۾ رکيو پيو وڃي ته جيئن کين سماجي بدنامي کان بچائي سگهجي.صوبائي وزير ٻڌايو ته 8 جولاءِ 2026ع تي سيسي جي گورننگ باڊي متاثر ٻارن جي علاج ۽ ڀلائي لاءِ 2 ارب رپين جي اينڊوومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن فنڊ جي نگراني لاءِ ماهر ڊاڪٽرن ۽ لاڳاپيل شعبن جي ماهرن تي ٻڌل اسٽينڊنگ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، جيڪا علاج ۽ متاثر خاندانن جي سهائتا بابت پاليسي تيار ڪندي.سعيد غني واضح ڪيو ته حڪومت وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ جي خوف کان اسڪريننگ جو عمل هرگز نه روڪيندي. جيڪڏهن وڌيڪ متاثر ماڻهو سامهون اچن ٿا ته سندن علاج پڻ سرڪار ڪرائيندي ۽ ضرورت پوڻ تي اينڊوومينٽ فنڊ ۾ به واڌ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته وليڪا اسپتال سان لاڳاپيل سمورا ڪيس آڪٽوبر 2025ع کان اڳ جا آهن ۽ ان کانپوءِ هن واقعي سان لاڳاپيل ڪو نئون ڪيس رپورٽ نه ٿيو آهي، جڏهن ته ڀرپاسي جي علائقن ۾ اسڪريننگ جاري آهي.ان موقعي تي آغا خان اسپتال جي ڊاڪٽر فيصل محمود چيو ته ايڇ آءِ وي جو مسئلو رڳو هڪ علائقي تائين محدود ناهي، ملڪ جي مختلف علائقن مان به ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترين خانگي ڪلينڪن ۾ انفيڪشن ڪنٽرول جي اصولن تي مڪمل عمل نٿو ڪيو وڃي.انڊس اسپتال جي سي اي او ڊاڪٽر عبدالباري خان چيو ته پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي ۽ هيپاٽائيٽس سي جي وڌندڙ شرح ڳڻتي جوڳي آهي، تنهن ڪري حڪومت، طبي ادارن ۽ ماهرن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں