اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ اسپين جي سفير ڪارلوس آراگون گل دي لاسرنا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ زراعت، غذائي تحفظ، واپار ۽ گهڻ رُخي سهڪار جي شعبن ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن وزارت جي جاري پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ …
وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان اسپين جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ اسپين جي سفير ڪارلوس آراگون گل دي لاسرنا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ زراعت، غذائي تحفظ، واپار ۽ گهڻ رُخي سهڪار جي شعبن ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن وزارت جي جاري پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن زرعي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي اسپين جي سفير پاڪستان کي انٽرنيشنل اوليو ڪائونسل (آءِ او سي) جي مڪمل رڪنيت حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ عالمي زيتون جي شعبي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار کي ساراهيو. وفاقي وزير اسپين جي حڪومت خاص ڪري اسپين جي زراعت واري وزارت جو پاڪستان جي آءِ او سي جي مڪمل رڪنيت حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اسپين جي قيمتي معاونت ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. سفير اسپين ۾ رهندڙ اٽڪل ڏيڍ لک پاڪستانين جي هاڪاري خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته اسپين ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ واپاري ناتن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير پاڪستان جي زرعي پيداوار ۽ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اسپين سان سهڪار کي اڻٽر قرار ڏنو. هن پري سيزن فارمنگ، جديد آبپاشي نظام، زيتون جي پوکي، گرين هائوس فارمنگ، زرعي مشينري ۽ پاڻيءَ جي اثرائتي انتظام ۾ اسپين جي عالمي مهارت جو حوالو ڏيندي اسپين جي ڪمپنين ۽ ادارن کي پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي، گڏيل تحقيق ۽ سگهه وڌائڻ جي رٿائن ۾ سهڪار جي دعوت ڏني. وفاقي وزير چيو ته جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ سان پاڪستان جي زرعي شعبي کي جديد رُخن تي آڻڻ، في ايڪڙ پيداوار ۽ معيار ۾ بهتري، پاڻيءَ جي اثرائتي استعمال، غذائي تحفظ کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستاني زرعي شين جي عالمي مارڪيٽن ۾ چٽاڀيٽي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان حڪومت جدت تي ٻَڌل ۽ گڏيل مفاد تي ٻَڌل ڀائيواريءَ کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. ٻه طرفي سهڪار کي اداره جاتي شڪل ڏيڻ لاءِ وفاقي وزير زراعت بابت پاڪستان- اسپين گڏيل ورڪنگ گروپ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي جيڪا زرعي تحقيق، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، سيڙپڪاري، غذائي تحفظ ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ مؤثر پليٽ فارم ثابت ٿيندو. وفاقي وزير اسپين کي زرعي واپار ۾ وڌيڪ سهڪار جي دعوت ڏني ۽ چيو ته پاڪستان اسپين کي چانور، ايٿانول، پٽاٽا ۽ مڪئي جي روانگي واپار ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته زرعي واپار ۾ واڌ ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي فائدن ۽ پائيدار ترقيءَ جو سبب بڻجندي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ، زرعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ، واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ويجهو سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










