اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم اهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سنڌو جي انڌي ٻلهڻ(انڊس بلائينڊ ڊولفن) جي تحفظ لاءِ اجتماعي قدمن تي زور ڀريندي چيو آهي ته اڻلڀ سنڌو جي انڌي ٻلهڻ(انڊس بلائينڊ ڊولفن) کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن گڏجي بچايو، سنڌو جي انڌي ٻلهڻ(انڊس بلائينڊ ڊولفن) ڪيترن ئي تهذيبن کان به پُراڻي آهي، جديد ڊولفن ريسڪيو ايمبولينس اٽڪل 200 ڪلوميٽر …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاران سنڌو جي انڌي ٻلهڻ(انڊس بلائينڊ ڊولفن) جي تحفظ لاءِ اجتماعي قدمن تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم اهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سنڌو جي انڌي ٻلهڻ(انڊس بلائينڊ ڊولفن) جي تحفظ لاءِ اجتماعي قدمن تي زور ڀريندي چيو آهي ته اڻلڀ سنڌو جي انڌي ٻلهڻ(انڊس بلائينڊ ڊولفن) کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن گڏجي بچايو، سنڌو جي انڌي ٻلهڻ(انڊس بلائينڊ ڊولفن) ڪيترن ئي تهذيبن کان به پُراڻي آهي، جديد ڊولفن ريسڪيو ايمبولينس اٽڪل 200 ڪلوميٽر جي علائقي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي، هاڻ تائين 220 ڦاٿل سنڌو جي انڌي ٻلهڻ(انڊس بلائينڊ ڊولفن) کي ڪاميابيءَ سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي، ماحولياتي تباهي کان بچڻ لاءِ اجتماعي قدم گهربل آهن، ماحولياتي تبديليءَ جا آبي ۽ جنگلي جيوت تي به سنگين اثر پئجي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ورلڊ وائلڊ لائف فنڊ جي انتظام هيٺ سنڌو جي انڌي ٻلهڻ(انڊس بلائينڊ ڊولفن) ايمبولينس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته س ڊولفن سنڌو درياهه جي قديم ترين جيوت جو حصو آهي جيڪو واديءَ سنڌ جي قديم تهذيبن کان به پهريان ان درياهه ۾ موجود آهي. هن چيو ته اها ڊولفن ڪنهن بيماري يا حادثي سبب نور کان محروم ناهي پر قدرتي ارتقائي عمل تحت ايڪولوڪيشن (آواز جي لهرن) ذريعي رستو تلاش ۽ شڪار ڪري ٿي جيڪا ان کي سنڌو درياهه جي ماحول کان مڪمل هم آهنگ بڻائي ٿي. وفاقي وزير چيو ته انڊس بلائينڊ ڊولفن صرف هڪ ناياب آبي جانور نه پر سنڌو درياهه، ان جي ماحولياتي نظام ۽ واديءَ سنڌ جي تهذيبي وراثت جي علامت آهي. هن چيو ته اها ڊولفن درياهه کي اکين سان نه پر ان جي آواز کي ٻُڌي پنهنجو سفر جاري رکي ٿي جڏهن ته اڄ اصل سوال اهو آهي ته ڇا انسان ان جو سڏ ٻُڌڻ لاءِ تيار آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته ڪجهه ڏهاڪا اڳ اٽڪل 1970ع دوران سنڌو جي انڌي ٻلهڻ(انڊس بلائينڊ ڊولفن) جو انگ گهٽ ٿي اٽڪل 1200 رهجي ويو آهي ۽ ماهر ان نسل کي ختم ٿيڻ جي خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهن جڏهن ته وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، پنجاب حڪومت، ورلڊ وائلڊ لائف فنڊ ۽ ٻين ڀائيوارن جي گڏيل ڪوششن سان ان ناياب نسل جي تحفظ لاءِ مؤثر قدم کنيا آهن. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي، گرين هائوس گيسن جي نيڪال، گرمي پد ۾ واڌ، گليشيئر جي پگهرجڻ ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن کي فقط تقدير قرار نٿو ڏئي سگهجي پر اهي انسانن لاءِ پنهنجن فيصلن ۽ طرزِعمل جو نتيجو آهي. هن چيو ته ويجهڙ سالن ۾ آيل ٻوڏ سبب 4 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 20 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جيڪي ماحول جي تحفظ جي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته هي ريسڪيو ايمبولينس قدرتي ورثي جي تحفظ جي قومي عزم جي علامت آهي ۽ مستبقل ۾ به اهڙا وڌيڪ عملي منصوبا متعارف ڪرايا ويندا ته جيئن دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته پاڪستان پنهنجي قدرتي وراثت، سنڌو درياهه، حياتياتي جدت ۽ ماحول جي تحفظ لاءِ سنجيده ۽ پُرعزم آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو قدرت، ماحول ۽ پنهنجي تهذيبي وراثت جي تحفظ لاءِ اجتماعي ذميداريءَ جو مظاهرو ڪن.










