فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سميت اعليٰ سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون

راولپنڊي-14 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرائت اڱاري ڏينهن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سميت اعليٰ سياسي ۽ عسڪري عملدارن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ بدلجندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن جي روشنيءَ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ مضبوط جٽادار ڀائيواريءَ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن پاڪ فوج …

راولپنڊي-14 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرائت اڱاري ڏينهن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سميت اعليٰ سياسي ۽ عسڪري عملدارن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ بدلجندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن جي روشنيءَ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ مضبوط جٽادار ڀائيواريءَ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

اڱاري ڏينهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرائت هن وقت جمهوريه ترڪيه جي اعليٰ سطحي سرڪاري دؤري تي آهي، جنهن جو مقصد ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ گهرن تاريخي، اسٽريٽجڪ ۽ دفاعي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي. ترڪيه پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو شاندار استقبال ڪيو ويو جيڪو پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن ناتن جي عڪاسي ڪري ٿو.

دؤري دوران فيلڊ مارشل ترڪيه جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون.

هن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ قومي دفاع واري وزير ياسر گولر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهن اعليٰ سطحي ملاقاتن ۾ بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي حالتن جي روشنيءَ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ مضبوط اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

ترڪ جنرل اسٽاف هيڊ ڪوارٽر ۾ فيلڊ مارشل جو گارڊ آف آنر سان استقبال ڪيو ويو. بعد ۾ هن ترڪيه جي جنرل اسٽاف جي سربراهه جنرل سلچوڪ بايرا ڪتار اوغلو سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي علائقائي سلامتيءَ جي صورتحال، پيشيوراڻي، عسڪري معاملن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين موضوعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي جنرل سلچوڪ بايرا ڪتار اوغلو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي پاڪ- ترڪيه عسڪري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان خدمتن ۽ ان جي غير معمولي ڪردار جي اعتراف ۾ ترڪيه جي هٿياربند فوج جي اعليٰ خدمتن جو تمغو پڻ عطا ڪيو.

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ترڪيه جي بري فوج جي هيڊ ڪوارٽرز جو پڻ دؤرو ڪيو، جتي ترڪيه جي بري فوج جي ڪمانڊر جنرل متين گوڪيل سندس استقبال ڪيو. فيلڊ مارشل ان دوران انيت ڪبير به ويو ۽ جديد ترڪيه جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ کيس خراجِ عقيدت پيش ڪيو.

ان موقعي تي هن اتاترڪ جي ڏاهپ ڀري قيادت کي ساراهيندي پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ويجهن تاريخي رابطن جو پڻ ورجاءُ ڪيو. فيلڊ مارشل جو اهو دورو ٻنهي برادر ملڪن جي ان پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته هو پنهنجي گهڻ رخي دفاعي ناتن کي وڌيڪ هٿي وٺرائيندا ۽ خطي ۾ امن امان، استحڪام ۽ گڏيل سلامتي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.

مزید خبریں