ڪوٽلي – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين سان ڪشمير تڪرار جي حل جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي، ان کانپوءِ هو خودمختيار رهڻ چاهين يا پاڪستان سان الحاق ڪرڻ چاهين اسان کي ان جو فيصلو قبول هوندو، ڳالهين جي دعوت کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، الله جي غلامي ڪندڙ ڪنهن جي آڏو ناهي جهڪندو، سڄو پاڪستان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر قسم جي سوچ ۽ نظريي وارن سان ڳالهه ٿي سگهي ٿي، پر چورن ۽ ڌاريلن کي اين آر او نه ڏيندس، ڀلي اهي ابتا ٽنگجي وڃن. ڪوٽلي آزاد ڪشمير ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته منهنجو هتي اچڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ هو ته دنيا 1948ع ۾ گڏيل قومن جي قراردادن موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو هو. دنيا کي ياد ڪرائڻ آيو آهيان ته اها ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏي. گڏيل قومن اوڀر تيمور جتي عيسائي اڪثريت ۾ هئا انهن کي فوري طور تي ريفرنڊم ذريعي آزادي ڏني. گڏيل قومن کي اهو ياد ڪرائڻ چاهيان ٿو، جنرل اسيمبلي ۾ به ياد ڪرايو ۽ سدائين انهن کي ياد ڏياريندس ته انهن ڪشمير جي حوالي سان پنهنجو واعدو پورو ناهي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪشميرين کي اهو پيغام اهي ته جڏهن به انهن کي خودمختياري جو حق ملندو ۽ اهي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪندا ته پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ڪندا. پاڪستان انهن کي پورو حق ڏيندو ته اهي آزاد رهڻ چاهين ٿا يا پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا. وزيراعظم چيو ته هو هتي والاريل ڪشمير جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻ آيو آهي ته اڄ سمورو پاڪستان انهن سان گڏ بيٺل آهي، مسلمان دنيا توهان سان گڏ بيٺل آهي، جيڪڏهن مسلمان حڪومتون ڪنهن سبب جي ڪري حمايت نه ٿيون ڪن ته اتان جي عوام ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي.