اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۽ ڀارت جي اندر مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي هو باهه سان کيڏي رهيو آهي ۽ تباهي طرف وڃي رهيو آهي، عالمي دنيا گڏيل قومن جي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن بابت رپورٽ تي ڀارت جي خلاف کنيل قدمن کي ڏسي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفرآباد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڪشمير جي عوام جي پنهنجي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ڪشميري ڀارتي ظلمن جي خلاف ڄمي بيٺل آهي ۽ اسان انهن جي همت وڌائي رهيا آهيون. ڀارت کي خبردار ڪريون ٿا ته ڪشمير جي معاملي تي ڪنهن به صورت ۾ ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، ڀارت امن چاهي ٿو ته ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آڻي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي. عالمي دنيا کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته گڏيل قومن جي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن بابت رپورٽ تي ڀارت جي خلاف ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۽ ڀارت جي اندر مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي هو باهه سان کيڏي رهيو آهي ۽ تباهي طرف وڃي رهيو آهي.