اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ تحت سهولتن جي فراهمي ۾ جدت آڻڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وڌيڪ سهولتن جي فراهمي ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ تحت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملندڙ سهولتن جي فراهمي ۾ اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر وقار مسعود خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر مرتضيٰ سيد، سينيٽر فيصل جاويد ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت قائم روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران گذريل 5 مهينن دوران حوصلي جوڳي دلچسپي ۽ مستقبل ۾ جدت سان وڌيڪ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان تجويزن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته هيستائين مختلف براعظمن جي 97 ملڪن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي سهولت ڏني وئي آهي. انهن ملڪن ۾ هيستائين 82728 اڪائونٽس کوليا ويا آهن جن تحت اٽڪل 436 ملين ڊالرز جو مٽاسٽا جو ناڻو ۽ ادائيگيون ٿي چڪيون آهن. روزاني جي بنياد تي اٽڪل 600 کان 700 اڪائونٽس کلي رهيا آهن جن ۾ روزانو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران 6 کان 7 ملين ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو ۽ ادائيگيون ٿي رهيون آهن.