APP07-040221 ISLAMABAD: February 04 – Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Kashmir Affairs and Gilgit-Baltistan Ali Amin Khan Gandapur, Chairman Kashmir Committee Shehryar Afridi and All Parties Hurriyat Conference leadership addressing a joint press conference regarding Kashmir Solidarity Day. APP photo by Sadia Haideri

اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ جمعي ڏينهن پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري برادري ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀرپور انداز سان ملهائيندي، ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ صدر ۽ وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندا. صدر عارف علوي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ڪوٽلي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو. هو پي آءِ ڊي ۾ وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي ۽ ڪشميري اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پوري ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀرپور انداز سان ملهائينداسين. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غاصباڻي طريقي سان والاريل ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو، ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀرپور انداز سان ملهائڻ سان ڪشميرين کي هڪ نئون جذبو ملندو ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ۾ نئين جان ايندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پوري دنيا آڏو ڪشمير مسئلو اجاگر ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جو عالمي برادري کان اهو ئي مطالبو آهي ته مودي، ڀارت جي جارحاڻي رويي، ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس ورتو وڃي. هن چيو ته مظلوم ڪشميرين کي گذريل اڍائي سالن کان ڊگهي ترين لاڪ ڊائون ۽ سخت اذيت کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي بيدار ٿيڻ جي ضرورت آهي، عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڀارت تي سياسي، سفارتي ۽ واپاري دٻاءُ وجهي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت ۽ مدد جاري رکندو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪشمير جي دوري دوران آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ڪوٽلي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو.