اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان ۾ عرب جمهوريه مصر جي سفير طارق داهروگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي دورن، واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجايو.