
اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل ۽ معاون اوزارن تائين پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ روڊ ميپ جي تياري تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذوري جو مسئلو ڳنڀير آهي، ان جي موثر حل جي لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ڌرين جي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. هو انساني حقن، صنعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ صوبن ۽ علائقن جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل ۽ معاونت اوزارن تائين پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ روڊ ميپ جي ضرورت آهي، معذوري جي مسئلي جي موثر حل جي لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ڌرين جي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن کي معاون اوزارن جي کوٽ ۽ عوامي عمارتن تائين پهچ سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ صوبن کانسواءِ عالمي ادارن سان گڏيل تعاون جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صوبن جي وچ ۾ بهتر رابطن جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن جي فوڪل پرسن جي مقرري تي اتفاق ڪيو ويو.