اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي برابر شهري حق حاصل آهن، حڪومت اقليتن جي تحفظ ۽ انهن جي حقن جي فراهمي جي لاءِ قدم کڻندي رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقليتي برادري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد اقليتين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو ۽ اقليتن جي مسئلن بابت صدر کي آگاهه ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي برابر شهري حق حاصل آهن، حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.