اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته اقتصادي تعاون ۽ ترقي جي تنظيم جي ميمبرشپ جي لاءِ قانوني قدمن جي ضرورت آهي، انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ ترميم جي ذريعي اسان او اي سي ڊي جو فورم استعمال ڪري سگهنداسين، ٽيڪس چوري ۽ معلومات جي مٽاسٽا جو معاملو ٻه طرفي سطح تي به اٿاري سگهبو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان او اي سي ڊي جي ميمبرشپ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته شفافيت ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ ان فورم کي استعمال ڪري سگهجي. فنانس بل جي ذريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ ترميم اسان کي هي اختيار ڏئي سگهي ٿي ته اسان او سي ڊي جو فورم استعمال ڪريون ۽ ٻه طرفي سطح تي به ٽيڪس چوري جهڙا معاملا اٿاري سگهون.