
ڪراچي – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ويزن موجب ٺاهڻ منهنجو خواب آهي، قومن جي زندگي ۾ مشڪل وقت ايندو رهندو آهي جنهن کان گهٻرائڻ نه گهرجي پر مشڪل حالتن مان سکڻ جي ضرورت آهي، قومن جي ترقي نوجوانن جي ترقي سان واڳيل آهي، نوجوان اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن، ان تي اسان جيتري قدر خرچ ڪنداسين ملڪ ايترو ئي ترقي ڪندو، مهانگائي جي ذميوار مافيا جو خاتمو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامياب جوان پروگرام جي نوجوانن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.