استنبول - 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي ٻطرفي دوري تي استنبول پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري بيان موجب استنبول جي اتاترڪ ايئرپورٽ تي ترڪيه جي واپار واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر عمر بولات، ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزارت ۽ سفارتخاني جي ٻين آفيسرن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي ٻطرفي دوري تي استنبول پهچي ويو

مزید خبریں
استنبول – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي ٻطرفي دوري تي استنبول پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري بيان موجب استنبول جي اتاترڪ ايئرپورٽ تي ترڪيه جي واپار واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر عمر بولات، ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزارت ۽ سفارتخاني جي ٻين آفيسرن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي استنبول پهتو آهي جتي ٻئي اڳواڻ پاڪ – ترڪيه ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن شعبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندا. ملاقات ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ٻئي اڳواڻ علائقائي امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف استنبول ۾ قيام دوران پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ بزنس ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندو، جنهن ۾ خصوصي اقتصادي زونز، توانائي، آءِ ٽي ۽ نجڪاري سميت ٻين شعبن ۾ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو ويندو. ان ڪانفرنس ۾ ترڪيه جا ناليوارا ڪاروباري اڳواڻ، سيڙپڪار، اعلى سرڪاري عملدار ۽ ٻيون معزز شخصيتون شرڪت ڪنديون.









