وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي مڪه ريجن جي وقتي گورنر سان ملاقات

جده-03 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جده ۾ مڪه ريجن جي وقتي گورنر شهزاده سعود بن مشعل بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. جده جو گورنر شهزاده سعود بن عبدالله بن جلوي، طائف جو گورنر شهزاده سعود بن نهار بن سعود ۽ شاهي خاندان جون معزز شخصيتون به موجود هيون. گهرو وزير ملاقات دوران پاڪ- سعوديه تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي …

جده-03 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جده ۾ مڪه ريجن جي وقتي گورنر شهزاده سعود بن مشعل بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. جده جو گورنر شهزاده سعود بن عبدالله بن جلوي، طائف جو گورنر شهزاده سعود بن نهار بن سعود ۽ شاهي خاندان جون معزز شخصيتون به موجود هيون. گهرو وزير ملاقات دوران پاڪ- سعوديه تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم کي ورجايو. گهرو وزير عمري ۽ حج لاءِ بهترين انتظامن تي مڪه ريجن جي وقتي گورنر جو خاص ٿورو مڃيو. سعودي گورنر، گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيڻ ۽ هر ممڪن تعاون جي عزم کي ورجايو. مڪه ريجن جي وقتي گورنر پي سي بي ۽ سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن جي معاهدي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. وقتي گورنر جده ۾ پهرين عالمي معيار جي اسٽيڊيم ٺاهڻ جي فيصلي کي ساراهيو. سعودي گورنر پنهنجي ريجن ۾ اسٽيڊيم جي تعمير لاءِ پي سي بي سان ڀرپور تعاون جو اظهار ڪيو.