اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي شهيد جي تعزيتي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر شهيد سپريم ليڊر لاءِ بخشش جي دُعا ۽ فاتحه خواني ڪئي. اسپيڪر ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ ايراني اسپيڪر باقر قاليباف سان پڻ ملاقات ڪئي. هن ايراني صدر ۽ مجلس شوريٰ جي …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي شهيد جي تعزيتي تقريب ۾ شرڪت
اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي شهيد جي تعزيتي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر شهيد سپريم ليڊر لاءِ بخشش جي دُعا ۽ فاتحه خواني ڪئي. اسپيڪر ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ ايراني اسپيڪر باقر قاليباف سان پڻ ملاقات ڪئي. هن ايراني صدر ۽ مجلس شوريٰ جي اسپيڪر سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اسپيڪر ايران لاءِ خدمتن تي شهيد سپريم ليڊر کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. واضح رهي ته اسپيڪر اياز صادق پنهنجي ايراني هم منصب جي دعوت تي آيت الله سيد علي خامنه اي شهيد جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.










