بدين - 03 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ پوليس رستن تي ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي 11 ڇوڪرن کي گرفتار ڪندي بنا سائلنسر جي 09 موٽرسائيڪلون ھٿ ڪري ورتيون. بدين پوليس ۽ سي آئي اي سب انسپيڪٽر گل حسن لغاري، ايس ايڇ او بدين سب انسپيڪٽر علاوالدين خاصخيلي ۽ انچارج ڊي آئي سي سب انسپيڪٽر محمد عارف جروار جي اڳواڻي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي بائي پاس روڊ تان …
بدين ۾ پوليس جي رستن تي ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي، 11 ڇوڪرا گرفتار، بنا سائلسنر جي 09 موٽرسائيڪلون ھٿ
بدين – 03 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ پوليس رستن تي ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي 11 ڇوڪرن کي گرفتار ڪندي بنا سائلنسر جي 09 موٽرسائيڪلون ھٿ ڪري ورتيون. بدين پوليس ۽ سي آئي اي سب انسپيڪٽر گل حسن لغاري، ايس ايڇ او بدين سب انسپيڪٽر علاوالدين خاصخيلي ۽ انچارج ڊي آئي سي سب انسپيڪٽر محمد عارف جروار جي اڳواڻي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي بائي پاس روڊ تان ون ويلنگ ڪندڙ 11 نوجوانن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 09 بغير سائلنسر (الٽر) موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار نوجوانن خلاف قانون موجب ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. بدين پوليس عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ون ويلنگ، تيز رفتاري ۽ ٻين خطرناڪ حرڪتن کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن انساني جانيون محفوظ بڻائي سگهجن.










