فيصل آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽيڪسيشن لاءِ نظام کي ڊجيٽلائز ڪيو پيو وڃي، جنهن سان نه صرف ليڪيج جو خاتمو ٿيندو پر محصولن جي وصولي به وڌندي. فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ ۾ ڪاروباري برادريءَ جي نمائندن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اڄ جو هي اجلاس پوسٽ بجيٽ ميٽنگ ناهي پر …
ٽيڪسيشن لاءِ نظام کي ڊجيٽلائز ڪيو پيو وڃي: سينيٽر محمد اورنگزيب
فيصل آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽيڪسيشن لاءِ نظام کي ڊجيٽلائز ڪيو پيو وڃي، جنهن سان نه صرف ليڪيج جو خاتمو ٿيندو پر محصولن جي وصولي به وڌندي. فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ ۾ ڪاروباري برادريءَ جي نمائندن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اڄ جو هي اجلاس پوسٽ بجيٽ ميٽنگ ناهي پر هي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي شروعات آهي ۽ ان جي شروعات فيصل آباد چيمبر کان ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته بجيٽ جي تياري هاڻ فنانس ڊويزن وٽ آهي، جڏهن ته ايف بي آر صرف ٽيڪس ايڊمنسٽريشن ۽ ٽيڪس وصولين بابت مسئلا ڏسندو. هن چيو ته معاشي ترقيءَ لاءِ نجي شعبي کي اڳواڻي ڪرڻي آهي. فنانسنگ جي حوايل سان هن چيو ته وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 11.5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. بجلي جي ٽيرف جي حوالي سان هن چيو ته ڪراس سبسڊيز ختم ڪيون ويون آهن جنهن سان بجليءَ جا ريٽ مستحڪم ٿيندا. ٽيڪسيشن جو ذڪر ڪندي ڪندي هن چيو ته ان تي 2 سالن کان ڳالهيون جاري هيون جنهن جي نتيجي ۾ ايڊوانس ۽ سپر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. هن آءِ ٽي جي شعبي جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو ۽ چيو ته ان 4.5 اربن جو روانگي واپار ڪيو آهي. حڪومت ان لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول مهيا ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت تعميراتي شعبي جي حوصله افزائي ڪندي پر فائلن جي ڪاروبار لاءِ ڪا سهولت نه ملندي. آٽوميشن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته هر شخص جو مڪمل رڪارڊ نادرا ۽ ايف بي آر وٽ موجود آهي جنهن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو. ان سان ليڪيج کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڊجيٽلائزيشن جو عمل شوگر سيڪٽر کان شروع ڪيو ويو جنهن سان 60 اربن جو اضافي سيلز ٽيڪس مليو. هن چيو ته ايس ايم سي سيڪٽر لاءِ ميڊيم ٽرم ٽيڪس حڪمت عملي متعارف ڪرائي ويندي جنهن سان ٽيرف رجيم ۾ گهٽتائي ٿيندي. اهڙيءَ طرح زرعي مشينري تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ۽ ايڊوانس ٽيڪس کي ٻڙي ڪيو ويو آهي. آباديءَ جي وڌندڙ دٻاءُ تي ضابطو آڻڻ لاءِ هن چيو ته چيمبرز ۽ ڪاروباري برادري کي به ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ايران جو مسئلو حل ٿيڻ سان علائقائي واپار تي هاڪاري اثر پوندا. اهڙيءَ طرح هو آمريڪا کان به ٽيرف ۾ وڌيڪ رعايتون وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن سان انهن ملڪن کي روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته قومي سلامتيءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، جڏهن ته نيشنل ٽيرف ڪميشن جي ايم ڊي سان ڳالهه ٻولهه ڪري اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل ڌُرين سان گڏوگڏ فيصل آباد چيمبر جي نمائندن کي به شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته ايس ايم اي سيڪٽر لاءِ ڌار رقم رکي ويندي ته جيئن هي شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري سگهي. ان کان اڳ وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي آجيان ڪندي فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر فاروق يوسف شيخ چيو ته هاڻوڪي بجيٽ ۾ ڪيتريون ئي سفارشون شامل ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ان مشاورت سان فائدو به ٿيو ۽ مائيڪرو فيبرڪ ۽ـ ويليو ايشن جا گهڻا مسئلا صرف ڏيڍ مهينا ۾ حل ٿي ويا. هن تعميراتي شعبي لاءِ رعايتن جي آجيان ڪئي ۽ـ چيو ته حڪومت روانگي واپار کي 60 بلين ڊالرن تائين وڌائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته حڪومت معيشت جي بحاليءَ لاءِ سنجيده آهي. هن روانگي واپار کي معيشت جي لائف لائن قرار ڏنو ۽ چيو ته ان کي وڌائڻ لاءِ روايتي سوچ کان هٽي فيصلا ڪرڻا پوندا. هن ملڪ جي ٽاپ روانگي واپار ڪندڙن کي اسلام آباد گُهرائي انهن جي حوصله افزائي ڪرڻ تي به حڪومت جو ٿورو مڃيو ۽ وفاقي وزير کي 24، 25 ۽ 26 جولاءِ تي لاهور ايڪسپو سينٽر ۾ لڳندڙ فيصل آباد ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وفاقي وزير ربن ڪٽي فيصل آباد ايڪسپو جي سافٽ لانچنگ به ڪئي. هن فيصل آباد چيمبر جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا.











