ڪراچي – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خاطري ڪرائي آهي ته ترقياتي اسڪيمن، ڪڻڪ جي کوٽ ۽ مڪڙن جي حملن سميت سمورن اهم مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي گورنر هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات دوران ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل پڻ ان موقعي تي موجود هو.