اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي برابر جا موقعا ڏيڻ کانسواءِ معاشري ۾ گهربل تبديلي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي، هوشيار ٻارن جي حوصلا افزائي سان محنت ۽ مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي تعليمي بورڊ جي 35 هين انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.