اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪرونا وائرس پکڙڻ جي خدشي جي ڏس ۾ ٺوس حڪمت عملي جوڙي هڪ هفتي ۾ سفارشون وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪليون وڃن. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس پکڙڻ خطري جي ڏس ۾ اڳواٽ حفاظتي قدمن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪرونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.