اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي ميڊيا ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين بحران تان نظرون هٽائي رهي آهي، ڪشمير ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ هڪ لک ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ٽوئيٽ ڪيو.