خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران هان سيونگ سوڪ کي جمهوريه ڪوريا جي وزيراعظم مقرر ٿيڻ تي مبارڪُون

اسلام آباد- پهرين جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري هان سيونگ سوڪ کي جمهوريه ڪوريا جي وزيراعظم طور  مقرري تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب خاتون اول چيو ته هان سيونگ سوڪ جي مقرري ٽيڪنالاجي، جدت ۽ ڪاروباري شعبن ۾ سندس معتبر قيادت جي عڪاسي آهي. هن چيو ته هي …

اسلام آباد- پهرين جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري هان سيونگ سوڪ کي جمهوريه ڪوريا جي وزيراعظم طور  مقرري تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب خاتون اول چيو ته هان سيونگ سوڪ جي مقرري ٽيڪنالاجي، جدت ۽ ڪاروباري شعبن ۾ سندس معتبر قيادت جي عڪاسي آهي. هن چيو ته هي مقرري قيادت ۽ عوامي خدمت ۾ عورتن جي ڪردار جي فروغ طرف هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. خاتُون اول چيو ته پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ڌيءُ ۽ پاڪستان جي ”فرسٽ ليڊي“ هُجڻ جي ناطي منهنجي لاءِ هي هڪ منفرد اعزاز ۽ فخر جو سبب آهي ته آئُون توهان کي جمهُوريه ڪوريا جي وزيراعظم مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيان. آصفه ڀٽو زرداري ڪوريا جي وزيراعظم لاءِ اهم قومي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن ڪاميابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته محترمه هان جي مقرري ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي ته عورتون قيادت جي اعليٰ عهدن تي فائز ٿي قومي ترقيءَ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. خاتون اول ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته جدت جي فروغ ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي سرپرستي جي حوالي سان هان سيونگ سوڪ جو وسيع تجربو جمهوريه ڪوريا جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته وزيراعظم هان سيونگ سوڪ جي قيادت جي دور ۾ پاڪستان ۽ جمهُوريه ڪوريا جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا ۽ ٻطرفو تعاون ٻنهي مُلڪن ۽ انهن جي عوام جي گڏيل فائدي لاءِ وڌيڪ مضبوط ٿيندو.
مزید خبریں