وزيراعظم پاران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ جاري منصوبن ۽ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد- پهرين جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ جاري منصوبن ۽ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني قوم جو قيمتي اثاثو آهن ۽ اهي پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪلي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اهم حصو وجهن ٿا. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن …

اسلام آباد- پهرين جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ جاري منصوبن ۽ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني قوم جو قيمتي اثاثو آهن ۽ اهي پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪلي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اهم حصو وجهن ٿا. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هُن چيئرمين بورڊ آف گورنرز سيد قمر رضا ۽ اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن (او پي ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر افضل ڀٽي سان ڳالهائيندي ڪيو، جن هتي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. مُلاقات ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ فائونڊيشن جي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ جاري منصوبن ۽ قدمن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي. هُن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني قوم جو قيمتي اثاثو آهن ۽ اهي پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪلي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ پنهنجو اهم حصو وجهن ٿا. مُلاقات ۾ وزيراعظم کي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ انهن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي لائحه عمل تي پُڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم او پي ايف جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ جامع لائحه عمل جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. چيئرمين بورڊ آف گورنرز ۽ ايم ڊي او پي ايف عالمي امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.

مزید خبریں