پاڻي معاشي ترقي ۽ زراعت جو بنياد آهي، ان کي بطور هٿيار استعمال نه ٿو ڪري سگهجي، پاڻي امن ۽ تعاون جو ذريعو هجڻ گهرجي: اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل

اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل چيو آهي ته پاڻي معاشي ترقي ۽ زراعت جو بنياد آهي، ان کي بطور هٿيار استعمال نه ٿو ڪري سگهجي پر اهو امن ۽ تعاون جو ذريعو هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن اڱاري ڏينهن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ “سنڌ طاس معاهدو: امن ۽ علائقائي استحڪام جو اهم ذريعو” جي موضوع تي منعقد عالمي …

اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل چيو آهي ته پاڻي معاشي ترقي ۽ زراعت جو بنياد آهي، ان کي بطور هٿيار استعمال نه ٿو ڪري سگهجي پر اهو امن ۽ تعاون جو ذريعو هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن اڱاري ڏينهن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ “سنڌ طاس معاهدو: امن ۽ علائقائي استحڪام جو اهم ذريعو” جي موضوع تي منعقد عالمي سيمينار جي موقعي تي پي ٽي وي سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته پاڻي جي اهميت پهرين کان ئي مڃيل آهي جڏهن ته پاڙيسري ملڪ پاران سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي جي اعلان کانپوءِ ان جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي جنهن جي ڏس ۾ ان مسئلي کي اجاگر ڪرڻ ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هن سيمينار جو انعقاد ضروري سمجهيو ويو. اشفاق احمد خليل چيو ته هي سيمينار اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز (آءِ آر ايس) جي حصيداري سان منعقد ڪيو ويو آهي ۽ اميد آهي ته هي پاڻي جي اهميت جي حوالي سان آگاهي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت حڪومت جي ترجمان اداري جي طور تي سدائين اهم قومي معاملن کي اجاگر ڪندي رهي آهي ۽ قومي اهميت جا معاملا عوام تائين پهچائڻ وزارت جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڻي هر لحاظ کان زندگي جو بنياد آهي ۽ ان کي ڪڏهن به بطور هٿيار استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سدائين امن جو داعي رهيو آهي، اميد آهي ته هي سيمينار ان مسئلي جي پرامن ۽ خوش اسلوبي سان حل ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

مزید خبریں