اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن اڪيڊمي جي ڇِت ڪرڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪاهنه سانحي تي هر دل سوڳوار آهي. ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي هڪ تعزيتي پيغام ۾ هن فوت ٿيل ٻارن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته الله تعاليٰ …
ڪاهنه سانحي تي هر دل ڏکوئيل آهي: طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن اڪيڊمي جي ڇِت ڪرڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪاهنه سانحي تي هر دل سوڳوار آهي. ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي هڪ تعزيتي پيغام ۾ هن فوت ٿيل ٻارن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته الله تعاليٰ فوت ٿيل ٻارن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، والدين ۽ پونئيرن کي صبر عطا ڪري. هن ڪاهنه سانحي ۾ زخمي ٻارن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.









