نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ او آءِ سي جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس لاءِ قائم اعليٰ سطحي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد- پهرين جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس لاءِ قائم اعليٰ سطحي ڪميٽي جي ڇهين اجلاس جي صدارت ڪئي. پاڪستان 12 ۽ 13 جولاءِ تي هن اهم ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ ڪانفرنس جي تيارين جي آخري مرحلي جو تفصيلي …

اسلام آباد- پهرين جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس لاءِ قائم اعليٰ سطحي ڪميٽي جي ڇهين اجلاس جي صدارت ڪئي. پاڪستان 12 ۽ 13 جولاءِ تي هن اهم ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ ڪانفرنس جي تيارين جي آخري مرحلي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ پروگرام جي مسودي، ڪانفرنس جي ايجنڊا، پروٽوڪول، سيڪيورٽي ۽ انتظامي ۽ لاجسٽڪ انتظامن، ميڊيا ۽ مواصلاتي حڪمت عملي، بين وزارتي رابطن سميت ٻيا تنظيمي معاملا شامل آهن. اعليٰ سطح جي ڪميٽي ان ڳالهه تي غور ڪيو ته ڪانفرنس جي ڪامياب ۽ بهتر انداز ۾ انعقاد کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمُورا ضروري قدم بروقت مڪمل ڪيا وڃن. ڪانفرنس ۾ او آءِ سي جا 57 ميمبر ملڪ شرڪت ڪندا جتي عورتن جي بااختيار بڻائڻ، شموليت جي فروغ ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نائب وزيراعظم انساني حقن جي وزارت پاران ڪيل اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته گڏيل رابطي کي وڌيڪ موثر بڻائيندي ۽ باقي رهيل انتظامن کي بروقت مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، آئي ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، انساني حقن واري سيڪريٽري عبدالخالق شيخ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں