APP58-08 ISLAMABAD: October 08 - President Dr. Arif Alvi addressing the ceremony in commemoration of victims of 8th October, 2005 earthquake at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوري قوم ۽ خاص طور تي نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي هر ٽئين مهيني باقاعدگي سان رت جو عطيو ڏيڻ جو اهتمام ڪن، اها انسانيت جي وڏي خدمت آهي، جنهن جو زندگي ۽ آخري ڏينهن ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو، پاڪستان جا ماڻهو تمام سرندي وارا آهن ۽ ضرورتمندن جي دل کولي مدد ڪرڻ مسلمانن جو ميراث آهي. هو پاڪستان هلال احمر سوسائٽي جي اهتمام هيٺ 2005ع جي زلزلي متاثرين جي ياد ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.