دهشتگردن جو هدف سياستدانن ذريعي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ آهي: سيد علي ظفر

اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته هن وقت پاڪستان جي اليڪشن ڪيمشن جيتري طاقتور آهي ايتري دنيا ۾ ڪابه اليڪشن ڪيمشن طاقتور ناهي، دهشتگردن جو هدف سياستدانن ذريعي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ آهي، حڪومت، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ دشمن عنصرن جي انهن ناپاڪ مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ …

اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته هن وقت پاڪستان جي اليڪشن ڪيمشن جيتري طاقتور آهي ايتري دنيا ۾ ڪابه اليڪشن ڪيمشن طاقتور ناهي، دهشتگردن جو هدف سياستدانن ذريعي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ آهي، حڪومت، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ دشمن عنصرن جي انهن ناپاڪ مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. هو پي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته ملڪ ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن ۾ پرڏيهي طاقتون، ملڪ دشمن عنصر ۽ اندروني طاقتون شامل آهن انهن جو مقصد اهو آهي ته چونڊون ڪيئن به ملتوي ٿين، دهشتگردي جي واقعن جو مقصد ماڻهن ۾ خوف پکيڙڻ ۽ ملڪ ۾ جيڪا اتحاد جي فضا آهي ان کي ختم ڪرڻ آهي، دهشتگردن جو ٽارگيٽ سياستدان آهن، ان جي ذريعي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں