پاڪستان جي معيشت ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪرڻ کان پوءِ پائيدار ترقيءَ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪرڻ کان پوءِ پائيدار ترقيءَ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ جاري مالي سال دوران ملڪي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) جي اؤسر جي شرح گذريل سال جي 3.1 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ وڌي 3.7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. سينيٽ ۾ وفاقي …

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪرڻ کان پوءِ پائيدار ترقيءَ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ جاري مالي سال دوران ملڪي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) جي اؤسر جي شرح گذريل سال جي 3.1 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ وڌي 3.7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. سينيٽ ۾ وفاقي بجيٽ 27-2026ع تي بحث ڪندي هن ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي، پارليامينٽ جي ميمبرن، ڪاروباري تنظيمن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ٻين ڀائيوارن جي تجويزن ۽ مشورن کي ساراهيو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت معاشي استحڪام سان ترقي طرف ڪامياب منتقلي ڪئي آهي جڏهن ته اٽڪل 3 سال اڳ معيشت تنگيءَ جو شڪار هئي. هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي چئلينجز باوجود اهم معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ تيزي ڏٺي وئي آهي. هن چيو ته دستاويزي ڪارپوريٽ شعبي ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. هن ٻُڌايو ته روانگي واپار ڪندڙن تي لاڳو سپر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سپر ٽيڪس جي پهريون ڇهه شرحون به ختم ڪيون ويون آهن ۽ وڌيڪ آمدني وارن طبقن لاءِ شرحن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پگهاردار طبقي کي گهٽ ٽيڪس شرح ۽ آمدنيءَ جي سليب ۾ واڌ ذريعي رليف فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌ کان وڌ ٽيڪس شرح لاڳو ڪرڻ هاڻ وڌيڪ آمدنيءَ جي حد تي هوندو. آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار تي 0.25 سيڪڙو فڪسڊ ٽيڪس جي موجوده شرح برقرار رکي وئي آهي. هن ٻُڌايو ته هلندڙ مالي سال دوران آءِ ٽي روانگي واپار اٽڪل 4.5 ارب ڊالر پهچڻ جي اميد آهي جڏهن ته فري لانسرز جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو اٽڪل 1.6 ارب ڊالر رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت ڊجيٽل رابطن، مهارتن جي ترقي ۽ مصنوعي ذهانت ۽ بلاڪ چين سميت جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ته جيئن نوجوانن کي مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ مهارتون فراهم ڪري سگهن ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ٿئي. ناڻي واري وزير چيو ته زرعي شعبي کي خاص اهميت ڏني وئي آهي ۽ ننڍن آبادگارن کي بنا ضمانت رعايتي قرض فراهم ڪرڻ لاءِ 300 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جديد زرعي مشينري، هارويسٽرز ۽ ٽريڪٽرز تي لاڳو ڊيوٽيون ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي يا ان کي ختم ڪيو ويو آهي ته جيئن زرعي پيداوار ۾ واڌ ٿي سگهي. نوجوانن کي بااختيار بنائڻ جي حوالي سان هن ٻُڌايو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت 110 ارب رپيا رکيا ويا آهن ته جيئن ڪاروباري سرگرميون، مهارتن جي ترقي ۽ روزگار جي موقعن کي هٿي ڏئي سگهجي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ايف بي آر ۾ وڏي پيماني تي سڌارا جاري آهن جن جو مقصد ڊجيٽلائزيشن ۽ آٽوميشن ذريعي انساني مداخلت گهٽ ڪرڻ، بدعنوانيءَ جو خاتمو ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي هراساني کان بچائي سگهجي. هن چيو ته معاشي خود انحصاري کي حاصل ڪرڻ ۽ پرڏيهي مالي معاونت تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي. بهتر مالي نظم و نسق سبب حڪومت جي داخلي وسيلن ذريعي هنگامي حالتن کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ به واڌ ٿي آهي. بحث سهيڙيندي ناڻي واري وزير سينيٽرن جي تجويزن ۽ راين تي سندن شڪريو ادا ڪيو ۽ خاطري ڪرائي ته ملڪ جي معاشي ترقيءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ تعميري تجويزن کي گهٽ ۽ وچين مُدي جي پاليسي سازيءَ ۾ شامل ڪيو ويندو.

مزید خبریں