سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي اٽلي جي رٽائر ٿيل سفير جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب خاص مهمان طور شرڪت

اسلام آباد- 18 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ مقرر اٽلي جي رٽائر ٿيل سفير جي اعزاز ۾ منعقد الوداعي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان تقريب جو بندوبست منال گروپ جي سي اي او لقمان اَفضل طرفان ڪيو ويو هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق تقريب ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وفاقي وزيرن ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، رانا تنوير …

اسلام آباد- 18 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ مقرر اٽلي جي رٽائر ٿيل سفير جي اعزاز ۾ منعقد الوداعي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان تقريب جو بندوبست منال گروپ جي سي اي او لقمان اَفضل طرفان ڪيو ويو هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق تقريب ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وفاقي وزيرن ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، رانا تنوير حسين، رضا حيات حراج، مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ، مونال گروپ جي سي اي او لقمان افضل سميت ٻين وفاقي وزيرن، ڪاروباري شخصيتن، سفيرن ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين، رٽائر ٿيل سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي سندس مستقبل لاءِ ڪاميابين جي دعا ڪئي.

مزید خبریں