حڪومت سمورن لاڳاپيل ڀائيوارن سان صلاح مشوري ذريعي متوازن ۽ ڪاروبار دوست ماحول برقرار رکڻ ۾ پُرعزم آهي: مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته حڪومت سمورن لاڳاپيل ڀائيوارن سان صلاح مشوري ذريعي متوازن ۽ ڪاروبار دوست ماحول برقرار رکڻ ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه آل پاڪستان فرٽيلائزر ڊيلرز ايسوسيئيشن (اي پي ايف ڊي اي) جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ زرعي سپلاءِ چين ۽ مجموعي مالياتي پاليسي فريم ورڪ بابت معاملن تي خيالن …

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته حڪومت سمورن لاڳاپيل ڀائيوارن سان صلاح مشوري ذريعي متوازن ۽ ڪاروبار دوست ماحول برقرار رکڻ ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه آل پاڪستان فرٽيلائزر ڊيلرز ايسوسيئيشن (اي پي ايف ڊي اي) جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ زرعي سپلاءِ چين ۽ مجموعي مالياتي پاليسي فريم ورڪ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ سميت زرعي ضرورتن جي فراهمي جي نظام ۾ پنهنجي ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته هو آبادگارن تائين ضروري ان پٽس جي وقت سر رسد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وفد وفاقي بجيٽ جي روشنيءَ ۾ ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري معاملن تي به پنهنجي راءِ پيش ڪئي ۽ زور ڀريو ته مالياتي پاليسيون مارڪيٽ جي زميني حقيقتن ۽ ڊسٽري بيوشن نظام جي عملي ضرورتن سان هم آهنگ هئڻ گهرجن. مملڪتي وزير زرعي پيداوار ۽ مجموعي معيشت ۾ ڀاڻ جي ورڇ جي نظام جي ڪردار کي تسليم ڪندي ان جي اهميت کي ساراهيو. هن وفد طرفان پيش ڪيل تجويزن کي قدر جوڳو قرار ڏنو ۽ خاطري ڪرائي ته انهن سفارشن تي غور ڪيو ويندو. ڌُرين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مالياتي استحڪام، زرعي پيداوار ۾ بهتري ۽ ملڪ جي زرعي سپلاءِ چين جي اثرائتي ۽ هموار تسلسل لاءِ مسلسل رابطا ۽ تعاون اڻٽر آهي.

مزید خبریں