اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخواه ۾ هنگو ۽ اتر وزيرستان ضلعن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين دوران 10 خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ڇهن جوانن کي …
وزيراعظم پاران خيبر پختونخواه ۾ هنگو ۽ اتر وزيرستان ضلعن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخواه ۾ هنگو ۽ اتر وزيرستان ضلعن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين دوران 10 خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ڇهن جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته مُلڪ جي دفاع، امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ اسان جا بهادر سپُوت پوري قوم جا هيرو آهن. شهيدن جون عظيم قربانيون قوم لاءِ مشعل راهه آهن ۽ انهن جو رت رائگان نه ويندو. هن چيو ته "عزم استحڪام” تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون پوري طاقت سان جاري رهنديون.










