اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهاٽ ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهاٽ جي پراڻي پوليس لائن ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. …
وزيراعظم پاران ڪوهاٽ ۾ ڌماڪي جي مذمت، زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهاٽ ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهاٽ جي پراڻي پوليس لائن ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کان ڌماڪي جي نوعيت ۽ سببن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










