وزيراعظم پاران پاڪستان جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا تاريخ جي بلند ترين سطح 21.4 ارب ڊالر تائين پهچڻ تي ٿورن جو اظهار

اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا تاريخ جي بلند ترين سطح 21.4 ارب ڊالر تائين پهچڻ تي ٿورن جو اظهار ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا تاريخ جي بلند ترين سطح 21.4 ارب ڊالر تائين …

اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا تاريخ جي بلند ترين سطح 21.4 ارب ڊالر تائين پهچڻ تي ٿورن جو اظهار ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا تاريخ جي بلند ترين سطح 21.4 ارب ڊالر تائين پهچڻ تي الله تعاليٰ جو ٿورا ادا ڪندي ان کي معاشي استحڪام طرف هڪ ٻيو تاريخي سنگ ميل قرار ڏنو آهي. هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 21.4 ارب ڊالر تائين پهچڻ معاشي ٽيم جي محنت ۽ صحيح رخ ۾ کنيل قدمن جو ثبوت آهي. مٽاسٽا جي ناڻي ۽ خدمتن جي روانگي واپار ۾ نمايان بهتري، ڪرنٽ اڪائونٽ جي بهتر صورتحال ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين پاڪستان جي ٻيهر ڪامياب پهچ به ملڪي معيشت تي عالمي اعتماد جي بحالي جو مظهر آهي. مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ نه رڳو ملڪ جي ٻاهرين ادائيگين جي صلاحيت کي مضبوط ڪندي پر عالمي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي اسان جي سگهه به ٻيڻي وڌائيندي. وزيراعظم چيو ته هڪ مستحڪم معاشي صورتحال ملڪ ۾ پرڏيهي اعتماد، سيڙپڪاري ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ نوان دروازا کوليندي. وزيراعظم ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر، حڪومت جي معاشي ٽيم ۽ خاص طور تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ان اهم ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هتي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته ماضي جي ابتڙ، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٻاهرين قرضن ۾ اضافي جي ڪري نه پر بنيادي طور تي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان مٽاسٽا جي ناڻي جي خريداري جي ڪري ٿيو آهي. ان کانسواءِ اسٽيٽ بينڪ پنهنجي مٽاسٽا جي ناڻي بابت پنهنجي رهتن ۾ به نميان لاٿ ڪئي آهي.

مزید خبریں