سينيٽ اجلاس اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪيو ويو

 اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) سينيٽ اجلاس اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪيو ويو. خميس ڏينهن سينيٽ وفاقي بجيٽ تي پارليامينٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي تيار ڪيل بجيٽ تجويزن ۽ سفارشن جي منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ هي بجيٽ تجويزون ۽ سفارشون قومي اسيمبلي کي اُماڻيون ويون. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اجلاس جي التوا بابت صدر آصف علي زرداري جو حڪم پڙهي ٻُڌايو، جنهن کان …

 اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) سينيٽ اجلاس اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪيو ويو. خميس ڏينهن سينيٽ وفاقي بجيٽ تي پارليامينٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي تيار ڪيل بجيٽ تجويزن ۽ سفارشن جي منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ هي بجيٽ تجويزون ۽ سفارشون قومي اسيمبلي کي اُماڻيون ويون. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اجلاس جي التوا بابت صدر آصف علي زرداري جو حڪم پڙهي ٻُڌايو، جنهن کان پوءِ اجلاس اڻڄاتل مُدي لاءِ ملتوي ڪيو ويو.

مزید خبریں