وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاران وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت لاءِ ڪامياب سهولتڪاريءَ تي مبارڪون

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت لاءِ ڪامياب سهولتڪاريءَ تي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته هي معاهدو پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي ۽ عالمي امن لاءِ ان جي هاڪاري ڪردار جو مظهر آهي. پنهنجي بيان ۾ پروفيسر …

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت لاءِ ڪامياب سهولتڪاريءَ تي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته هي معاهدو پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي ۽ عالمي امن لاءِ ان جي هاڪاري ڪردار جو مظهر آهي. پنهنجي بيان ۾ پروفيسر احسن اقبال چيو ته اسلام آباد ايم او يو هڪ امڪاني تباهي آڻيندڙ تڪرار کي روڪڻ، خطي جي اهم واپاري رستن کي ٻيهر فعال ڪرڻ ۽ محاذ آرائي بدران سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي طاقت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فقط ڳالهين جي ميزباني ناهي ڪئي پر دانشمنداڻي، غير جانبداري ۽ تعميري سفارتڪاريءَ ذريعي امن جي قيام ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اها اڳڀرائي عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري سُڃاڻپ ۽ ذميداراڻي ڪردار جي عڪاسي آهي. وفاقي وزير چيو ته اها تاريخي ڪاميابي پوري قوم لاءِ فخر جوڳي آهي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي روشن خيال قيادت، ڏور رس ۽ مدبراڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان اڳڀرائيءَ سان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي سهڪار جا نوان امڪان پيدا ٿيندا.

مزید خبریں